واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) مائيڪرو سافٽ جي باني ۽ دنيا جي امرين ترين شخصين ۾ شامل بل گيٽس گھر واريءَ کي طلاق ڏيڻ کي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي غلطي قرار ڏئي ڇڏيو، پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب هڪ بيان ۾ بل گيٽس چيو ته طلاق زندگيءَ جو سڀ کان وڏو پڇتاءُ آهي، طلاق سندس ۽ ميلنڊا ٻنهي جي لاءِ ڏک ۽ ڏکيائيءَ واري گھڙي هئي. بل گيٽس چيو ته اميد هئي ته اسان جي شادي به ايتري ئي ڪامياب ٿيندي جيتري 45 سال گڏ گذاريندڙ منهنجي والدين جي هئي، جڏهن ملينڊا سان ملاقات ٿي ته مان ڪامياب هئس پر گھڻو ڪامياب ان وقت ٿيس جڏهن اسان ٻئي گڏ هئاسين.