تازہ ترین

January 27, 2025

Year : 2025

هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام، مهانگائي جي شرح 5 سيڪڙو کان گهٽ ٿي: وزيراعظم

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هوندو، ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 5 سيڪڙو کان گهٽ ٿي آهي، ايندڙ ڏينهن بجلي جي قيمتن ۾ جوڳي گهٽتائي ايندي، وزيراعظم شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سرڪار جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه پر ڪاروبار […]

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي آمريڪي ڪانگريس ميمبرن سان ملاقات

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي آمريڪي ڪانگريس ميمبرن سان ملاقات، گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ، گهرو وزير ڪانگريس مين اليگزينڊر گرين کي افغانستان کان ٿيندڙ دهشتگردي ۽ مداخلت بابت آگاهه ڪيو، محسن نقوي جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪ آمريڪا […]

اوٻاوڙي جي ڪچي مان آپريشن بعد ٻه مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

اوٻاوڙو (ويب ڊيسڪ) اوٻاوڙو جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس آپريشن ۾ ٻه مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، ايس ايس پي گهوٽڪي جو چوڻ آهي ته ٻيلو رانوتي ۾ شر گينگ جي ٽولي خلاف آپريشن جاري آهي، ڏوهارين وٽ يرغمال بڻيل احسن سهتو ۽ امجد راجپوت کي بازياب ڪرايو ويو، ڏوهارين جي ٺڪاڻن کي باهه […]

ٽيسٽ ٽيم ڪپتان صحافيءَ جي سوال تي ناراض ٿي ويو

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) ملڪي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود صحافي جي سوال تي ناراص ٿي ويو. ويسٽ انڊيز کان ٻين ٽيسٽ ميچ ۾ 120 رنسن تان شڪست کان پوءِ ٿيندڙ پريس ڪانفرنس ۾ صحافيءَ شان مسعود کان سوال ڪيو ته ڇا توهان پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندئو يا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪندو؟ شان مسعود […]

طلاق زندگيءَ جي سڀ کان وڏي غلطي هئي: بل گيٽس

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) مائيڪرو سافٽ جي باني ۽ دنيا جي امرين ترين شخصين ۾ شامل بل گيٽس گھر واريءَ کي طلاق ڏيڻ کي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي غلطي قرار ڏئي ڇڏيو، پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب هڪ بيان ۾ بل گيٽس چيو ته طلاق زندگيءَ جو سڀ کان وڏو پڇتاءُ آهي، طلاق سندس ۽ […]

وفاق پنجاب ۾ موٽر ويز ٺاهيا، سنڌ سرڪار تعليمي شعبي جي بهتري لاءِ قدم پئي کڻي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز جي مقرري جو طريقيڪار وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي، رٽائرڊ بيورو ڪريٽ به اهليت جي معيار تي پورو لهڻ جي صورت ۾ وي سي بڻجي سگهي ٿو. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ […]

سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار خلاف توهين عدالت جو نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار خلاف توهين عدالت جو نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ايڊيشنل رجسٽرار طرفان ڄاڻي واڻي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي نه ڪئي ويئي، نذر عباس ڄاڻي واڻي توهين عدالت نه ڪئي، پريڪٽس اينڊ […]

عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي عدت ڪيس، بريت خلاف اپيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريفر

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي عدت ڪيس ۾ بريت خلاف اپيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي چيف جسٽس کي ريفر، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي عدت ڪيس ۾ بريت خلاف اپيلن تي ٻڌڻي، پي ٽي آءِ باني جي وڪيلن ايڊيشنل جج اعظم خان […]

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهرين بابت ٻڌڻي، جاچ آفيسر کي اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ڇنڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 6 سالن کان گم شهريءَ جي بازيابي بابت اڳڀرائي نه ٿيڻ تي جاچ آفيسر کي ڇنڊ، شهري واجد حسين 2018 کان گم آهي، هيل تائين ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي: عدالت جو جاچ آفيسر کان پڇاڻو، گم ٿيل شهري جي بازيابي لاءِ ڪيترائي جي آءِ ٽيز اجلاس ٿيا آهن: […]

ملتان انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ گئس بائوزر ڦاٽڻ سبب 5 ڄڻا فوت، 31 خمي

ملتان (نيشنل نيوز) ملتان جي انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ گئس سان ڀريل بائوزر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، 5 ڄڻا فوت، 31 خمي، ريسڪيو اختيارين موجب ايل پي جِي بائوذر ۾ ڌماڪي سان باهه لڳي ويئي ۽ بائوزر ڦاٽڻ سان ٽڪرا ويجهي آبادي تي وڃي ڪريا، واقعي بعد نشتر اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي ويئي.

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.