سنڌ جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪراچي اندر وڌيڪ منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي: سنڌ اسيمبلي کي خطاب
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي رڳو جعلي خبرون هونديون آهن، عوام تائين درست ڄاڻ پهچائڻ ذميواري آهي، سنڌ حڪومت ان لاءِ قدم کڻي پئي.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪراچي اندر وڌيڪ منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته مخالف ڌر اجائي واويلا ڪري پئي، تفصيلي بريفنگ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، ڪراچي ۾ وڌيڪ بسون آنديون پيون وڃن، پيپلز بس سروس کي وڌايو ويو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽ کاتو گاڏين جي فٽنيس لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، هاڻ ڪو به جعلي فٽنيس سرٽيفڪيٽ نه ٺهي سگهندو.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته پاڪستان ڀارت کي جنگ ۾ تاريخي شڪست ڏني، ڀارت 100 کان وڌيڪ فلمون ٺاهي پيو، ڀارت پاڪستان کان صرف فلمن ۾ ئي کٽي سگھي ٿو.
شرجيل انعام مميڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ، پنجاب ۽ وفاقي حڪومت به بجيٽ ۾ فلمن ۽ ڊرامن لاءِ پئسا رکيا آهن.