آمريڪي ڳجھن ادارن جي رپورٽ هئي ته ايراني ايٽمي پروگرام پرامن آهي: پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير رضا اميري مقدم پريس ڪانفرنس
تهران (انٽرنيشل ڊيسڪ) ايران اسرائيل ۽ آمريڪا سان ڊگهي عرصي تائين جنگ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
15 جون تي عمان ۾ آمريڪا سان ڳالهيون طئي ٿيل هيون، 13جون تي اسرائيل ايران تي حملو ڪيو.
اسرائيل حملي ۾ شهري آبادي ۽ اسان جي ڪمانڊرز کي شهيد ڪيو ويو، اسرائيل اين پي ٽي جي ڪنهن به معاهدي تي صحي ڪندڙن مان ناهي۔
پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير رضا اميري مقدم پريس ڪانفرنس چيو ته آمريڪي ڳجهن ادارن رپورٽ ڏني ته ايران جو ايٽمي پروگرام پرامن مقصدن لاءِ آهي.
اسان جو سپريم ليڊر چئي چڪو آهي ته اسان جو ايٽمي پروگرام پرامن آهي، آمريڪي صدر ٽرمپ جي جنرل عاصم منير سان ملاقات ٻن ملڪن جو اندروني معاملو آهي.
آمريڪي صدر کي امن جو نوبل انعام ڏيڻ هڪ عجيب واقعو هوندو، اهڙي شخص کي نوبل انعام ملندو ته ڏوهارين کي ڇا ڏنو ويندو؟
ايران جي سفير جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ڊگهي عرصي تائين هر مخالف سان پنهنجي وسيلن آهر جنگ وڙهڻ لاءِ تيار آهيون.