اسان جي خطي ۾ به نيتن ياهو جي سستي ڪاپي موجود آهي، جتي به پهتاسين اتي نيتن ياهو جي سستي ڪاپي وارا به پهتا: خطاب
اسلام آباد (نيشنل ديسڪ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آيه ته آمريڪا، ايران تي بنا ثبوتن جي حملو ڪيو، ايران تي حملو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته ايٽمي ٺڪاڻن تي حملو ڪري خطي جي ماڻهن جون حياتيون داءَ تي لڳايون ويون آهن.
هن چيو ته ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي مذمت ڪريون ٿا، ايراني خودمختياري ڪنهن به صورت ۾ چئلينج نه ڪرڻ گهرجي، اسرائيل رجيم کي روڪڻو پوندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سلامتي ڪائونسل ۾ به ايران تي آمريڪي حملي جي مذمت ڪئي وئي، ايران تي ڪيترن ئي سالن کان الزام مڙهيا پيا وڃن، ايراني قيادت ۽ صحافين کي نشانو بڻايو ويو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي خطي ۾ به نيتن ياهو جي سستي ڪاپي موجود آهي.
اسان جو موقف خطي ۾ امن جو قيام آهي، جتي به پاڪستان جو موقف کڻي وياسين اتي نيتن ياهو جي سستي ڪاپي جا نمائندا به پهچي وڃن پيا.
پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته ڀارت کي سفارتي ۽ جنگ جي ميدان ۾ شڪست ڏني، سڄي دنيا کي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو.