رجيم چيئنج ڇو نه ٿيڻ گهرجي، رجيم چيئنج جي اصطلاح جو استعمال سياسي طور درست ناهي: ٽرمپ
واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران ۾ حڪومت جي تبديلي جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته موجوده ايراني حڪومت ايران کي عظيم نٿي بڻائي سگهي.
رجيم چيئنج ڇو نه ٿيڻ گهرجي، رجيم چيئنج جي اصطلاح جو استعمال سياسي طور درست ناهي.
هن چيو ته ايراني ايٽمي ٿاڪن کي وڏو نقصان زمين جي سطح کان گهرائي ۾ ٿيو، آمريڪي بِي 2 ميزوري ۾ محفوظ طريقي سان لينڊ ڪيو.
اسان شاندار فوجي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ايران جي هٿن مان ايٽمي بم کسي ورتو آهي، کين موقعو ملي ها ته ضرور استعمال ڪن ها.