لکين معصوم جانين کي خطرو آهي، سموريون ڌريون صبر جو مظاهرو ڪن: صدر مملڪت
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري پاران وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار، وچ اوڀر جي صورتحال بي قابو ٿي سگهي ٿي.
لکين معصوم جانين کي خطرو آهي، سموريون ڌريون صبر جو مظاهرو ڪن، صدر آصف علي زرداري پاران ڌرين تي امن جو رستو ۽ سفارتڪاري تي عمل ڪرڻ تي زور.
هن جو چوڻ هو ته وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهيون ضروري آهن، عالمي برادري بحران جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
صدر آصف علي زرداريءَ جو وڌيڪ چوڻ هو ته خطي ۾ استحڪام ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ عالمي ڪوششون اڻٽر آهن.