پاڪستان ايران تي آمريڪي حملي جي مذمت ۽ ايران جي خودمختياري جي حمايت ڪري ٿو: پاڪستان
نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني نمائندي عاصم افتخار چيو آهي ته پاڪستان اسرائيلي اڳرائيءَ جي مذمت ڪري ٿو.
پاڪستان يو اين چارٽر موجب اصولي موقف اختيار ڪيو، پاڪستان ايران تي آمريڪي حملي جي مذمت ۽ ايران جي خودمختياري جي حمايت ڪري ٿو.
ڪيترن ئي ميمبرن يو اين چارٽر جي ڀڃڪڙي کان آگاهه ڪيو هو، امن جي اپيلن کي نظرانداز ڪيو ويو.
سيڪيورٽي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ تي ٿورائتا آهيون، ڪائونسل جي بنيادي ذميواري عالمي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ آهي.