ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز جي مقرري جو طريقيڪار وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي، رٽائرڊ بيورو ڪريٽ به اهليت جي معيار تي پورو لهڻ جي صورت ۾ وي سي بڻجي سگهي ٿو. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير جو چوڻ هو ته وفاق پنجاب ۾ وڌيڪ موٽر ويز ٺاهيا، سنڌ سرڪار تعليم جي شعبي جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، سنڌ ڪابينا يونيورسٽيز جي وي سيز جي مقرري بابت فيصلا ڪيا، يونيورسٽيز ۾ پروفيسر کان سواءِ بيورو ڪريٽس به وي سي مقرر ٿي سگهندا، وي سيز جي مقرري جي طريقيڪار تي ڪنهن کي اعتراض نه هجڻ گهرجي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته پهريان سنڌ پبلڪ سيڪٽر ۾ صرف يونيورسٽيون هيون، اڄ پبلڪ سيڪٽر ۾ 30 يونيورسٽيون موجود آهن. هن چيو ته ڪالهه هڪ واپاري جي بيان بعد اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پنجاب ۾ وڌيڪ ڪم ٿين پيا، ڪنهن به صوبي ۾ ترقي ٿئي، اسان کي خوشي ٿيندي، ملڪ جي اصل ضرورت انرجي آهي، ٿر ۾ بجلي جو پراجيڪٽ سڀ کان نرالو آهي، ٿر مان سموري ملڪ کي ڪوئلو ملي رهيو آهي، سنڌ سرڪار تعليم جي شعبي ۾ بهتري تي ڪم ڪري رهي آهي، سنڌ سان وفاق جي اسڪيمن ۾ زيادتي ڪئي وئي.