اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اڄ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو.
اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو.
قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ هٿياربند ۽ سول قيادت شرڪت ڪندي.
اجلاس ۾ اسرائيل ايران ڇڪتاڻ بعد پيدا ٿيل صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو.