سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ڄامشوري ڀرسان ٽرالر ۽ ڄاڃين سان ڀريل ڪوسٽر ۾ ٽڪر، گهوٽ فوت، 10 ڄاڃي زخمي

لوڻي ڪوٽ وٽ ڪراچي کان نوشهروفيروز ڄڃ کڻي ويندڙ ڪوسٽر ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) ڄامشوري ڀرسان ٽرالر ۽ ڄاڃين سان ڀريل ڪوسٽر ۾ ٽڪر سبب گهوٽ فوت، 10 ڄاڃي زخمي ٿي پيا.

لوڻي ڪوٽ وٽ ڪراچي کان نوشهروفيروز ڄڃ کڻي ويندڙ ڪوسٽر ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ گهوٽ عبدالله ميربحر فوت ٿي ويو ۽ 10 ڄاڃي زخمي ٿي پيا.

فوتي گھوٽ جو لاش ۽ زخمين کي  اسپتال منتقل ڪيو ويو، اڪثر زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

Related posts

Leave the first comment