تازہ ترین

ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، جڏهن به ڏکيو وقت آيو ته پيپلز پارٽي ملڪي دفاع ڪندي: مراد علي شاهه

ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تي وڌيڪ بحث ٿيو آهي: سنڌ اسيمبلي اجلاس کي خطاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جمهوريت رڳو سنڌ ۾ ئي آهي.

ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تي وڌيڪ بحث ٿيو آهي، 13جون تي ڪو احتجاج نه پر بدتميزي ڪئي وئي هئي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسان وٽ اڪثريت آهي پر ان باوجود سمورن ميمبرن کي ڳالهائڻ جو حق ڏنو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ملڪ تي جڏهن به ڏکيو وقت آيو، پيپلزپارٽي ملڪ جو دفاع ڪيو.

هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ طاس معاهدو ختم ڪيو ويو ته 6 ئي درياهه واپس ورتا ويندا، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو آهي ته جنگ وڙهي ڪري پنهنجو پاڻي ورتو ويندو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري شهيد ڀٽو جيان مسلمان ملڪن جو ڪيس وڙهي رهيو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.