اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار خلاف توهين عدالت جو نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ايڊيشنل رجسٽرار طرفان ڄاڻي واڻي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي نه ڪئي ويئي، نذر عباس ڄاڻي واڻي توهين عدالت نه ڪئي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ۽ ججز ڪميٽي جڊيشل آرڊر نظرانداز ڪيو، ٻنهي ججز ڪميٽي خلاف توهين عدالت ڪارروائي لاءِ معاملو چيف جسٽس کي اماڻيو وڃي ٿو، چيف جسٽس ان معاملي تي فل ڪورٽ جوڙي.