سکر جي گڏاڻي ڦاٽڪ تي شھيد بينظير ڀٽو فلائي اوور جي پيڙھه جو پٿر اڄ رکيو ويندو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگره جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري طرفان سکر واسين لاءِ تحفو.
بلاول ڀٽو زرداري پاران سنڌ سکر جي گڏاڻي ڦاٽڪ تي شھيد بينظير ڀٽو فلائي اوور جي پيڙھه جو پٿر اڄ رکيو ويندو.
حڪومت جو ترجمان ۽ ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ جو چوڻ آهي ته ترقياتي اسڪيم سکر جي روشن مستقبل لاءِ خوشخبري ثابت ٿيندي.
چيئرمين جي هدايتن تي شهيد راڻي جي سالگرهه جي موقعي تحفو ڏنو پيو وڃي، منصوبو قريشي ڳوٺ ۽ پراڻي سکر جي عوام جي خواب جي تعبير آهي.
هن چيو ته ترقياتي منصوبو 18 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، هي منصوبو سکر جي ٽي لک آبادي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.