ايٽمي پروگرام تي سنجيده، پائيدار ڳالهيون ٿيڻ گهرجن ۽ جنگ بند ٿيڻ گهرجي: انتونيو گوتريس
نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته ايران ۽ اسرائيلي جي جنگ بند ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته ايٽمي پروگرام تي سنجيده، پائيدار ڳالهيون ٿيڻ گهرجن ۽ جنگ بند ٿيڻ گهرجي، خطي جا ماڻهو وڌيڪ تباهي برداشت نٿا ڪري سگهن.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ايران ۽ اسرائيل ۾ هڪ اعتماد جوڳو، جامع ۽ تصديق ٿيل حل جي ضرورت آهي.
گڏيل قومون پرامن حل لاءِ ڪنهن به ڪوشش جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار آهن، سفارتڪاري کي هڪ موقعو ڏئي عام ماڻهن جي حفاظت ڪئي وڃي، سڀني مسئلن جو حل ڳالهين ۾ آهي.