ايران جي پرامن ايٽمي ٿاڪن تي حملو ڪري آمريڪا عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي: ماسڪول ۾ ڳالهيون
ماسڪو (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچيءَ چيو آهي ته ايران پنهنجي ايٽمي افزودگي جو عمل جاري رکندو، ڪو به اسان کي نٿو ٻڌائي سگهي ته اسان کي ڇا ڪرڻو آهي.
ايران جي پرامن ايٽمي ٿاڪن تي حملو ڪري آمريڪا عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي، جوابي ڪارروائي ڪرڻ ايران جو جائز حق آهي.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ماسڪو پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته روس جو دورو اڳواٽ طئي ٿيل هو، پر ايران تي آمريڪي حملي کان پوءِ روسي اڳواڻن سان ملاقات جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي.
عباس عراقچيءَ وڌيڪ چيو ته موجوده عالمي صورتحال ۾ ضروري آهي ته ايران ۽ روس سنجيده ڳالهيون ڪن، روس ايران جو دوست آهي.