ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 6 سالن کان گم شهريءَ جي بازيابي بابت اڳڀرائي نه ٿيڻ تي جاچ آفيسر کي ڇنڊ، شهري واجد حسين 2018 کان گم آهي، هيل تائين ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي: عدالت جو جاچ آفيسر کان پڇاڻو، گم ٿيل شهري جي بازيابي لاءِ ڪيترائي جي آءِ ٽيز اجلاس ٿيا آهن: جاچ آفيسر جي عدالت کي آگاهي، عدالت جي ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي جاچ آفيسر کي ڇنڊ، جي آءِ ٽيز اجلاس جي نالي تي شهريءَ جي وارثن کي اميد ڏيون ٿا ۽ ٿئي ڪو به ڪو نه ٿو، لاپتا ماڻهن جي معاملي تي جي آءِ ٽيز جو ڪو رول ناهي، اجلاس سان ڪجهه نٿو ٿئي: جسٽس صلاح الدين پنهور جا رمارڪس.