لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) ملڪي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود صحافي جي سوال تي ناراص ٿي ويو. ويسٽ انڊيز کان ٻين ٽيسٽ ميچ ۾ 120 رنسن تان شڪست کان پوءِ ٿيندڙ پريس ڪانفرنس ۾ صحافيءَ شان مسعود کان سوال ڪيو ته ڇا توهان پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندئو يا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪندو؟ شان مسعود پهريان چيو ته نيڪسٽ ڪوئسچن، پوءِ جواب ڏنو ته ماضيءَ ۾ جيڪي ٿيو ان جو جواب نه ڏيندس، هاڻ جيڪي ٿي رهيو آهي ان جو جواب ڏئي رهيو آهيان، توهان حقيقتن تي ٻڌل ڳالهه ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڀلي ڪريو، پر توهان جي ڄاڻ بلڪل غلط آهي. ٽيسٽ ڪپتان چيو ته توهان به پنهنجن رانديگرن کي عزت ڏيو، فيصلو ڪرڻ پي سي بيءَ جو ڪم آهي، جيڪي فيصلا ٿيا اهي سڀ رانديگر قبول ڪندا آهن، اسان هن ملڪ جا ۽ هن اداري جا ماڻهو آهيون، اسان توهان جا به آهيون. شان مسعود ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ايئن بي عزت ڪرڻ، ايئن ڪير به برداشت نه ڪندو، توهان جي سوال ۾ تمام گھڻي بي عزتي هئي، توهان هڪ سوال جي چڪر ۾ ٻئي کي هيٺانهين ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان پاڪستان جي لاءِ کيڏندا آهيون، نتيجو ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪندا آهيون.