اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا، اوهان هن ئي بينچ کي فل ڪورٽ سمجهو: آئيني بنيچ جا رمارڪس، 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 8 رڪني آئيني بينچ ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذارن جي آئيني ترميم خلاف فل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا ڪئي، آئيني بينچ ۾ ججز جي نامزدگي جڊيشل ڪميشن ڪندي آهي، جڊيشل ڪميشن جن ججز کي نامزد ڪيو، ان موقعي تي جسٽس جمال مندوخيل جو درخواستگذارن جي وڪيلن کي جواب ڏنو ته اهي سڀ هن بينچ جو حصو آهن، اوهان جي خواهشن تحت فل ڪورٽ نٿي ٺهي سگهي. جسٽس محمد علي مظهر وڪيلن کي جواب ڏيندي چيو ته فل ڪورٽ جي معاملي تي اوهان پاڻ موجهاري جو شڪار آهيو، اوهان هن بينچ کي ئي فل ڪورٽ سمجهو.