تازہ ترین

سنڌ جي تاريخ صديون پراڻي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏئي رهيا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته مان اڄ جي گريجوئيٽ ٿيندڙ شاگردن ۽ انهن جي والدين کي مبارڪون ڏيڻ چاهيندس، اڄ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن لاءِ خوشي جو ڏهاڙو آهي. هن سرزمين جي تاريخ صديون پراڻي آهي، سنڌ سهڻي ثقافت واري ڌرتي آهي، اسان بدترين موسمياتي تبديلين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، سنڌ بدترين ٻوڏ کي منهن ڏئي چڪي آهي، تاوز ئي 2022 ۾ سنڌ تاريخ جي بدترين ٻوڏ کي منهن ڏنو، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سندن ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته سنڌ موسمياتي تبديليءَ جي اثرن سبب فرنٽ لائين تي آهي، ڊجيٽل ڊس انفارميشن ۽ سائيبر ڪرائيمز به اڄ جا تمام وڏا چئلينجز آهن، جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ ڪوڙيون خبرون به هڪ وڏو چئيلنج آهي. اسان جون اڏاوتون ۽ تعميرات به موسمياتي تبديليءَ کي نظر ۾ رکندي ٺاهيون وڃن. ماحولياتي تبديلي کي سڀني کي گڏجي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجيءَ کي صرف انسانيت جي خدمت جي لاءِ ئي استعمال ٿيڻ گھرجي. اسان کي به جديد ٽيڪنالاجي اپنائڻي پوندي، دنيا ۾ ٽيڪنالاجي تمام گھڻي تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.