سيوهڻ (ويب ڊيسڪ) سيوهڻ ڀرسان زائرين جي ڊاٽسن ڪلٽي ٿيڻ سبب نينگري فوت ٿي وئي جڏهن ته حادثي ۾ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا، لڪي شاهه صدر وٽ گاجي شاهه جي ميلي تي ويندڙ زائرين جي ڊاٽسن ڪلٽي ٿي پئي، حادثي جي نتيجي ۾ نينگري سڪينا چانڊيو فوت ٿي وئي ۽ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا، نينگريءَ جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، حادثي جي ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.