رستم (ويب ڊيسڪ) رستم جي ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن، 8 ڏوهاري زخمي ٿيڻ جا اطلاع، ڳوٺ انور بڊاڻي ۾ پوليس ڏوھارين جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو، آپريشن دوران جديد هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو، 8 ڏوهاري جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران زخمي ٿيل ڏوهارين کي سندن ساٿي کڻي فرار ٿي ويا آهن.