تازہ ترین

97 هين آسڪرز ايوارڊ جي لاءِ نامزدگين جو اعلان

هالي ووڊ لاس اينجلس (شوبز ڊيسڪ) فلمي دنيا جي سڀ کان معتبر سمجھيو ويندر ”آسڪرز ايوارڊ“ جي نامزدگين جو اعلان ڪيو ويو آهي، نيٽف ليڪس جي اسپينش زبان جي فلم ”ايميليا پيريز“ آسڪرز جي سڀ کان وڌيڪ 13 نامزدگين جڏهن ته فلم ”دي بروٽلسٽ“ ۽ ”وڪڊ“ 10،10 نامزدگيون حاصل ڪيون آهن. ٽئي فلمون آسڪرز ايوارد ۾ بهترين فلم جو ٽائيٽل کٽڻ جي لاءِ مقابلو ڪنديون. بهترين اداڪارا جي ايوارڊ جي لاءِ ايميلا پيريز کي اسٽار ڪارلا سوفيا کي به نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته اداڪاره ڊيمي مور 4 ڏهاڪن جي ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو آسڪر نامزدگي حاصل ڪئي. بهترين اداڪارا جي لاءِ سنٿيا اريوو، مائيڪي ميڊيسن ۽ فرنينڊا ٽورس به نامزد آهن. ٻئي طرف بهترين اداڪار جي ڪيٽيگرين ۾ ايڊرين بروڊي، ٿميٿي شيليمي، ڪولمين ڊومنگو، رالف فائنز ۽ سيبيسٽين اسٽين نامزد آهن. ياد رهي ته لاس اينجنسل جي ٻيلن کي باهه لڳڻ جي ڪري نامزدگيون کي 2 ڀيرا ملتوي ڪيو ويو هو، ٻيلن جي باهه سبب 28 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.