محرابپور (ويب ڊيسڪ) محرابپور ۾ تيز رفتار مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جڏهن ته 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا، قومي شاھراھ تي پشاور کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ ڪوٽڙي ڪبير ڀرسان تيز رفتاريءَ جي ڪري ڪلٽي ٿي پئي، حادثي ۾ ھڪ ڄڻو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته 20 مسافر سخت زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.