ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان نيول اڪيڊمي ۾ 12هين مڊ شپ مين ۽ 30هين شارٽ سروس ڪميشن ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ، پريڊ تقريب ۾ اعليٰ سول ۽ عسڪري عهديدار، غير ملڪي سفير ۽ ڪيڊٽس جي والدين جي به شرڪت، ڊرم ميوزڪ سان گڏ پائپ بينڊ مارچ ڪيو، پاڪ نيوي جي جوانن جو خوبصورت انداز ۾ فن جو مظاهرو، ڪميشن حاصل ڪندڙن ۾ 79 آفيسرن ۾ 50 مڊ شپ مين ۽ 29 ايس ايس سي ڪورس آفيسر شامل، ان موقيعي تي ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌ پريڊ کي خطاب ڪندي چيو ته مضبوط معيشت، مضبوط دفاع لاءِ ضروري آهي، خطي ۾ طاقت جي توازن کي برقرار رکڻ اسان جي ذميواري آهي، پاڪستان نيوي سامونڊي حدن جي حفاظت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري پئي.