واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سزا لاءِ 10 جنوري جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي، آمريڪي عدالت ڪاروباري ڄاڻ جي جعلسازي ڪيس ۾ ٽرمپ تي فرد جرم کي برقرار رکيو، چونڊيل آمريڪي صدر کي جيل جي سزا نه ڏني ويندي، ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جو پهريون صدر هوندو جيڪو ڏوهه ثابت ٿيڻ باوجود صدر طور خدمتون انجام ڏيندو.