تازہ ترین

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ڪورنگي ۾ بي آر ٽي ييلو لائن بس ڊپو جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪورنگي ۾ بي آر ٽي ييلو لائن بس ڊپو جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي افتتاح بعد ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته  ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ اهم قدم کنيا ويا آهن، زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي پاليسيون ٺاهيون پيون وڃن. هن چيو ته موسمياتي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي ماحول دوست پاليسيون اختيار ڪيون پيون وڃن، ييلو لائين بس منصوبو ٻن ورهين ۾ مڪمل ٿيندو، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته  ييلو لائن بس منصوبو ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان مڪمل ڪيو ويندو، پوري ڪوشش آهي ته عوامي مسئلا حل ڪريون، سنڌ جي عوام لاءِ سفري سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهيون، ڪنهن کي حق نه آهي ته ٻئي ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري. هن چيو ته پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ به ڪنهن کي مداخلت جي اجازت نه آهي، يهودي لابي ڪوشش ڪئي پئي ته باني پي ٽي آءِ کي پڃري مان ڪڍي، باني پي ٽي آءِ ٻاهر نڪرڻ لاءِ منٿون پيو ڪري، سينيئر صوبائي وزير چيو ته باني پي ٽي آءِ جي سول نافرماني جي تحريڪ رڳو خبرن لاءِ آهي، پي ٽي آءِ عوام، اخبارن ۽ ٽي وي شوز ۾ ڌمڪيون ڏيندا آهن، اندروني طور پي ٽي آءِ وارا ڳالهين لاءِ منٿون پيا ڪن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.