اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ ڳالهين جي لاءِ خدمتون پيش ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. اياز صادق جو چوڻ آهي ته اختلاف ختم ڪرڻ جي لاءِ ڳالهيون ضروري آهن، ان جي لاءِ منهنجي آفيس هر وقت کليل آهي. اياز صادق هڪ وڊيو بيان جاري ڪيو جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته مان مصروفيتن جي ڪري قومي اسيمبليءَ جي اجلاسن ۾ شريڪ نه پيو ٿيان. سندس چوڻ هو ته جيڪو ماحول جڙيو، جيئن پي ٽي آءِ جي شير افضل مروت، مسلم ليگ (ن) جي راڻا ثناءُالله ۽ خواجه آصف جيئن ڳالهايون اهو مون ڏٺو، اسپيڪر جي آفيسر ۽ گهر حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن جي لاءِ هر وقت کليل آهن، حڪومت ۽ مخالف ڌر پاڻ ۾ رنجشون ختم ڪري ملڪي مفاد تي ڳالهائڻ يا لا اينڊآرڊر جي معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ چاهين ته کين ڀليڪار چوندس.