راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شهيد لانس نائيڪ محمد محفوظ نشان حيدر جي 53 هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس ۽ پاڪ فوج پاران شهيد لانس نائيڪ محمد محفوظ نشان حيدر کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب لانس نائيڪ محمد محفوظ جو شهادت جو ڏهاڙو 1971ع جي واگها بارڊر جنگ دوران هٿياربند فوج جي بي مثال جذبي جي نشان آهي، وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته قوم پاڪ فوج جي وطن جي دفاع لاءِ قربانيون ڪڏهن به نه وساري سگھندي، سموري قوم کي شهيدن ۽ سندن گهرڀاتين تي لازوال فخر آهي.