ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي سموري سنڌ ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ جيڪب آباد، نوابشاهه، نوشهروفيروز، مٽياري، ڪنڌڪوٽ ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، ڪئنال ڪڍڻ خلاف مختلف پارٽين پاران احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا ويا، بدين، دادو، ڄامشورو، ڪوٽڙي، ٺٽو، نصيرآباد ۽ نئون ديرو ۾ ڪاروباري مرڪز بند ڪيا ويا آهن، ميرپور بٺورو، مٺي، رتوديرو، اوٻاوڙو، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو غلام حيدر ۽ ٻين شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ٺاهي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ڪا به سنڌ دشمن رٿا قبول نه ڪئي ويندي.