ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ٿڌ جي سخت لهر برقرار آهي، ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙي جي راڄ سبب موٽر ويز جا مختلف سيڪشن بند ڪيا ويا آهن، ملڪ جي جابلو علائقن ۾ سخت سيءَ جي لهر جاري آهي، مري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رات جي وقت هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جڏهن ته چترال، سوات، دير، ڪوهستان ۽ مانسهرا ۾ برفباري جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي. ان اڳڪٿي بعد سموري ملڪ ۾ ٿڌ ۾ واڌ جو امڪان پڻ ڏيکاريو پيو وڃي.