ڀنگو بھڻ (ويب ڊيسڪ) ڀنگو بھڻ ڀرسان ڳوٺ جهانيان آباد ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ھڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، گوليون لڳڻ سبب معشوق لاشاري مارجي ويو، وارثن جو چوڻ آھي ته معشوق لاشاري ڪجھه وقت اڳ پنھنجي ئي برادري مان پسند جو پرڻو ڪيو آھي، عورت جي وارثن پلاند ۾ حملو ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.