غزه (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج جا غزه ۾ اتر طرف جباليا، بيت حنون، بيت الھيڪا ۾ فلسطينين تي حملا جاري، اسرائيلي فوج پاران المواصي ڪئمپ تي به بمباري ڪئي وئي، اسرائيل جي تازن حملن ۾ 50 فلسطيني شھيد ٿي ويا، اولھه طرف فائرنگ ۾ 2 شھري شھيد ٿيا، قاھره ۾ جنگ بندي جون ڳالھيون، فلسطيني صدر محمود عباس قاھره پھچي ويو، آمريڪا کي فريقن جي معاھدن ويجھو پھچڻ جو يقين.