ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي ميگا شهر ۾ سوئي گئس کان پوءِ پاڻي جو بحران برقرار به شدت اختيار ڪري ويو، يونيورسٽي روڊ تي 84 انچ پائيپ لائين جو مرمتي ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، ڌاٻيجي کان به ڪراچي شهر کي پاڻي جي فراهمي معطل آهي. ڪراچيءَ سميت سموري سنڌ ۾ گئس جي بحران کان پوءِ ڪراچي جي شهر ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ پڻ ڪراچيءَ واسين جون متيون منجھائي ڇڏيون آهن، ٻن هنڌن تان پاڻي جي پائيپ لائينو ٽٽڻ بعد ڪراچيءَ ۾ پيئڻ توڙي استعمال جي پاڻيءَ جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، سڄي شهر جا رهواسي سمورو ۽ رات دير تائين مختلف هنڌن تان پنهنجن گھرن جي لاءِ پاڻي ڀريندا رهيا. ڪراچيءَ جي يونيورسٽي روڊ تي پاڻيءَ سپلاءِ جي 84 انچ قطر واري پائيپ لائين جو مرمتي ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو جنهن سبب به شهري ٻٽي آزار ۾ ورتل آهن.پرائيويٽ هائيڊرنٽس تي شهرين جي رش لڳل آهي.