تازہ ترین

ٺٽي ڀرسان ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جو بريڪ ڊائون، پائپ لائين ڦاٽي پئي

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) ٺٽي ڀرسان ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جي بريڪ ڊائون سبب پائپ لائين ڦاٽي پئي، جنهن سبب ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. بجلي جي بريڪ ڊائون سبب ڪراچي کي پاڻي سپلاءِ ڪندڙ پائپ لائن ڦاٽي پئي، جنهن سبب ڪيترائي گئلن پاڻي ضايع ٿي ويو. پائپ لائن ڦاٽڻ سبب پاڻي ڌاٻيجي پمپ هائوس ڪالوني سميت مختلف ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو، جڏهن ته قومي شاهراهه کي ملائيندڙ روڊ رستن تي به پاڻي بيهڻ سبب مختلف علائقن جو زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو. پائپ لائن ڦاٽڻ سبب ڪراچي شهر جي مختلف علائقن کي پاڻي جي سپلاءِ بند ٿي وئي، جنهن سبب شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. واٽر بورڊ انجنيئر چيو ته بجلي جي بريڪ ڊائون سبب 72 انچ جي پائپ لائن ڦاٽي پئي آهي، جنهن جي مرمت ۾ 24 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا، واٽر بورڊ انجنيئر پاڻي تمام گهڻو آهي، نيڪال  بعد ئي مرمتي ڪم شروع ڪري 24 ڪلاڪن اندر پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.