ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) سموري سنڌ جو عوام سياري جي موسم ايندي ئي سئي گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب سموري سنڌ ۾ رڌ پچاءَ جي وقت دوران گئس نه هجڻ سبب اسڪولي ٻارڙن جي اسڪولن ۾ حاضري سخت متاثر آهي، سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾اسڪولي ٻارڙا توڙي آفيسن ۾ نوڪريون ڪندڙ ملازم بنا ناشتي ۽ مانجھاندي کان اسڪول ۽ آفيسن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهن. سموري سنڌ سميت ڄامشورو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب رهواسين کي رڌ پچاءُ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو پوي. شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گئس جي هٿرادو بندش سبب رهواسي سراپا احتجاج بڻجي ويا. شهرين جو چوڻ آهي ته سياري جي موسم ايندي ئي گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري پريشان ڪيو پيو وڃي. شهرين جو چوڻ هو ته گئس جي بندش سبب هو ڪاٺيون ٻارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، احتجاج ڪرڻ باوجود ڪو به نوٽيس نه پيو وٺي. شهرين مطالبو ڪيو ته فوري طور گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري گهٽ پريشر وارو مسئلو حل ڪيو وڃي ته جئين هو پريشاني کان بچي سگهن.