تازہ ترین

گهوٽڪي: ساوند-سندراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 6 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) گهوٽڪي ڀرسان ساوند-سندراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺ يار محمد ساوند ۾ ساوند سندراڻي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو. هٿياربندن زمين تي ويندڙ ساوند برادري جي ماڻهن تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ ساوند برادري جا 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ عبدالغفار ساوند،حادي بخش ساوند، قادر بخش ساوند، مور خان ساوند، طفيل احمد ساوند ۽ فياض احمد ساوند شامل آهن. واقعي بعد ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون، هڪٻئي تي فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويون.  واضح رهي ته ڪجهه مهينا اڳ خانڳڙهه جي گوهر پئليس ۾ سردار علي گوهر خان مهر جي سرپئنچي ۾ ٻنھي برادرين وچ  ۾ ھلندڙ تڪرار جو نبيرو به ٿيو ھو پر  فيصلي تي عمل نه ٿي سگهيو. ساوند سندراڻي تڪرار تان ھن مھل تائين  30 کان مٿي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.