ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت واري صوبائي وزير ڪراچي ۾ اين آءِ سي وي ڊي جي نئين عمارت جو افتتاح ڪري ڇڏيو. اين آءِ سي وي ڊي سربراهه چيو ته اسان وٽ ايم آر آئي، اي سي جي سميت سموريون سھولتون موجود آھن. صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو اين آءِ سي وي ڊي جي نئين عمارت جو افتتاح ڪري ڇڏيو. تقريب کي خطاب ڪندي عذرا فضل پيوچوهو چيو ته. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ صحت جي معاملي تي انتھائي سنجيده آھن. هن چيو ته حڪومت صحت کاتي ۾ تمام گھڻو ڪم ڪيو آھي، اين آءِ سي وي ڊي تمام بھترين سھولتون فراھم ڪري رھيو آھي، عذرا فضل پيچوهو چيو ته جڏهن سھولتون ملنديون ته مريضن جي رش به وڌندي. آهي، هتي وڏي انگ ۾ مريض اچن ٿا. صحت واري وزير چيو ته اسان کي ماڻھن کي بيمارين کي بچاءِ کان بچائڻ جي آگاھي فراھم ڪرڻ جي ضرورت آھي، عذرا فضل پيچوهو چيو ته ماڻھو دل ۽ شگر جي جھڙي خطرناڪ بيمارين کان بچي سگھن،اسان کي سنڌ ۾ چيسٽ پين يونٽ جي تمام گھڻي ضرورت آھي. پاڪستان ۾ علاج مهانگو هجڻ باوجود سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن موجب مفت علاج جي منشور تي ڪم ڪري رھي آھي. افتتاحي تقريب دوران اين آءِ سي وي ڊي جو ڊائريڪٽر، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ ٻيا موجود هئا. ڊائريڪٽر اين آءِ سي ايڇ چيوت ه صوبائي وزير جي محنت ۽ ذاتي ڪوششن سان سان اين آءِ سي وي ڊي کي بھتر بڻايو آھي. اين آءِ سي وي ڊي جي سربراهه چيو ته اسان وٽ ايم آر آءِ ۽ اِي سِي جي سميت سموريون سھولتون موجود آھن.