اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ زرتاج گل جي ڊي چوڪ احتجاج بابت 5 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا زرتاج گل جي عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جج طاهر عباس سپرا پراسيڪيوشن سان ڳالهائيندي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن جوابدار ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ نامزد آهي ته اڄ جي تاريخ تي ڪيس داخل ڪيو وڃي. عدالت زرتاج گل جي هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض 9 جنوري تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زرتاج گل خلاف رمنا، سيڪريٽريٽ، ڪوهسار، ترنول ۽ ابڙي جي ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.