تازہ ترین

ڪجهه وقت لاءِ فسادن تي ضابطو اچي ته پاڪستان وڌيڪ ترقي ڪندو: عظميٰ بخاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري صوبائي وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ڪجهه دير لاءِ فسادن تي ضابطو آندو وڃي ته پاڪستان وڌيڪ ترقي ڪندو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز 8 کان 15 جولاءِ تائين چين جي سرڪاري دوري تي آهي. هن چيو ته وزيراعليٰ پنجاب چين جي 4 شهرن جو دورو ڪيو جتي هوءَ واحد وزيراعليٰ آهي جنهن کي چين ۾ رياست جي سربراهه جو پروٽوڪول مليو. ن ليگ اڳواڻ چيو ته مريم نواز هڪ زرعي سامان ٺاهيندڙ ڪمپني جو دورو ڪيو، چين جا ٽريڪٽر به هاڻي روبوٽ آهن، مريم نواز چيو ته ته اسان کي پنجاب ۾ ٽرانسپورٽ تي ڪم ڪرڻو آهي، اليڪٽرڪ بسن جو پهريون فليٽ جلد لاهور پهچڻو آهي . سڌ سماءَ واري وزير چيو ته اسان 5 سالن جو پلان ٺاهيو آهي، سموري ٽرانسپورٽ کي اليڪٽرڪ تي منتقل ڪرڻو آهي، وزيراعليٰ ڪمپني کي پنجاب ۾ سولر پلانٽ لڳائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، 60 کان وڌيڪ ڪمپنيون سيڙپ ڪرڻ تي راضي ٿي ويون آهن. عظميٰ بخاري چيو ته سڪيورٽي بابت ڪجهه خدشا آهن، مريم نواز چيني سيڙپڪارن جي سڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو واعدو ڪيو آهي، جلد پنجاب ۾ چيني ڪمپنيون ڪم ڪندي نظر اينديون.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.