ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ 26هين آئيني ترميم خلاف اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي درخواست ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جنيد غفار 26هين آئيني ترميم خلاف اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس جنيد غفار رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان چيو هو ته جيڪڏهن ضروري معاملو آهي ته ٻڌنداسين، ٻي صورت ۾ ڏنڊ لڳائينداسين. ايڊووڪيٽ معيز جعفري عدالت کي ٻڌايو ته لاڳاپيل بينچ موجود ناهي، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏنا ته توهان سومر تي لاڳاپيل بينچ آڏو پيش ٿي سگهو ٿا. سپريم ڪورٽ 26هين آئيني ترميم خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي 26هين آئيني ترميم کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو. ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهرين جي ڪيس ۾ جاچ آفيسر جي مهلت واري استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 2014ع کان گم ٿيل شهرين سميت ٻين جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي . ٻڌڻي دوران درخواستگذار چيو ته معاذ ۽ طلحه 2014 کان ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد مان گم ٿيا، جن جو پتو ناهي پئجي سگهيو. درخواستگذار چيو ته شهري 10 سالن کان گم آهن، پوليس هن وقت تائين سندن پتو ناهي لڳائي سگهي. درخواستگذار چيو ته اسان 10 ڏهن سالن کان ٿاڻن ۽ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن، ڪجھه به نه ٿيو آهي، نه ڪو ٻڌائڻ لاءِ تيار آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته گذريل ٻڌڻي تي گم ٿيل شهرين جي گمشدگي بابت پاليسي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ويو، ان جو ڇا ٿيو؟ عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جبري گمشدگين جو اعلان صرف بيانن جي بنياد تي ڪيو ويندو آهي، جنهن تي سنڌ سرڪار جي وڪيل چيو ته پاليسي بابت اجلاس ٿيا آهن ، وڌيڪ وقت ڏنو وڃي. عدالت سنڌ حڪومت جي وڪيل جي استدعا تي ڪيس جي ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.عدالت ۾ پوليس پاران رپورٽ پيش ڪندي چيو ته پي آءِ بي ڪالوني مان گم ٿيل شهري محمد عمران کي بهاولپور مان گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، شهري پوليس کي هڪ ڪيس ۾ گهربل هو، عدالت شهري محمد عمران جي گمشدگي بابت درخواست اڪلائي ڇڏي.