ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته چيني سيڙپڪارن سان ترقياتي منصوبن بابت ڳالهيون ٿيون، ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ انقلابي قدم کڻي رهيا آهيون. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته 27 ڊسمبر تي محترمه بينظير ڀٽو کي شھيد ڪيو ويو، ورسي جي مک تقريب ڳڙهي خدابخش ۾ ٿيندي، لکين ڪارڪن حاضري ڀريندا. هن چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي گاڏين جي فٽننس وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي، هن مهم جو مقصد قيمتي حياتيون بچائڻ آهي. پهرين ڊسمبر کان مختلف ايس او پيز جاري ڪيون ويون آهن، نوان بار ڪوڊ وارا فٽننس سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويندا، شرجيل انعام چيو ته پوري صوبي ۾ هاڻي پراڻا ڪارڊ ڪينسل ٿي ويندا، هاڻي اها ئي گاڏي روڊ تي هلي سگهندي جيڪا فٽ هوندي، اي وي ٽيڪسي سروس ۽ اي وي بسن سان شهرين کي سستي سفري سهولت ملندي، چيني سيڙپڪارن جي دوري جا سٺا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير چيو ته سنڌ سرڪار دنيا جي سرمائيدارن کي سيڙپ لاءِ ماحول فراهم ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ باني پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جون ڳالهيون ڪندو آهي، توهان رياست کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهيون، توهان ڪنهن جي ايجنڊا تي هلي رهيا آهيون، خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي.