اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 5 مهينن ۾ پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي ) جي خرچن جي ڏس ۾ رکيل هڪ هزار 100 ارب رپين جي 10.4 سيڪڙو جي سطح تي آهن، ڇو ته حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مالي سرپلس جي شرطن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ فنڊز جي ورهاست تي سخت پابنديون لڳائي رکيون آهن. ڊان نيوز موجب وزارت منصوبا بندي ۽ ترقي جي تازه ترين انگن اکرن موجب جولاءِ کان نومبر تائين پي ايس ڊي پي جا گڏيل خرچ 114.5 ارب رپيا رهيا. خزاني واري وزارت طرفان هلندڙ مالي سال لاءِ اعلانيل مڪينيزم تحت حڪومت کي به پهرين ٽه ماهي ۾ رکيل بجيٽ جو 15 سيڪڙو، ٻي ٽه ماهي ۾ 20 سيڪڙو، ٽين ٽه ماهيءَ ۾ 25 سيڪڙو تائين ۽ مالي سال جي آخري ٽه ماهيءَ ۾ باقي 40 سيڪڙو مختص ڪرڻو آهي، اهڙيءَ ريت نومبر جي آخر تائين پي ايس ڊي پي جي ڪٿ ساليان مختص رقم جو گھٽ ۾ گھٽ 28 سيڪرو يا 310 ارب رپيا کان گھٽ نه هجڻ گھرجي.