اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران وفاقي وزيرن جي غير حاضريءَ جو نوٽيس وٺندي کين ايوان جي ڪارروائيءَ ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف وفاقي وزيرن جي ايوان ۾ غير حاضريءَ جو نوٽيس وٺندي سمورن غير حاضر ۽ حاضر وفاقي وزيرن کي خط لکيو جنهن ۾ هن وزيرن کي پارلياماني ڪارروائي دوران پنهنجي حاضريءَ کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. شهباز شريف خط ۾ چيو ته وفاقي وزيرن جي ايوان ۾ غير حاضريءَ سان احتساب جي اصولن ۽ شفافيت جي عمل کي نقصان پهچي رهيو آهي، وزيرن جي ايوان ۾ حاضر نه ٿيڻ سان عوام جو جمهوري ادارن تي اعتماد کي به نقصان پهچڻ جو خدشو آهي.