سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته تعليم جي شعبي ۾ ترقي لاءِ خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون، نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ موقعا فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا، سکر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته آءِ بي اي سکر ۾ انفرا اسٽڪچر کي بهتر ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ ٽيلينٽ موجود آهي، نوجوانن کي مدد جي ضرورت آهي، انفارمينشن ٽيڪنالاجي ۾ شارٽ ڪورس ڪرايا پيا وڃن، نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي شعبي ۾ موقعا فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا.