اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فصل الرحمان چيو آهي ته مدرسن جي رجسٽريشن ۾ حڪومت پاڻ سڀ کان وڏي رنڊڪ بڻيل آهي، قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 26 هين آئيني ترميم اتفاق راءِ سان پاس ٿي، ڪوشش اها آهي ته سمورا معاملا صبر ۽ ڏاهپ سان حل ٿيل، سياست ۾ ڳالهيون ٿينديون آهن، ٻئي ڌريون هڪ ٻئي سمجھائينديون آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته 2004 ۾ مدرسن بابت سوال اٿاريا ويا، پهريون سوال اهو هو ته ديني مدرسن جو مالياتي نظام ڪهڙو آهي؟ ٻيو سوال اهو هو ته مدرسن جو تعليمي نظام ڪهڙو آهي؟ ٽيون سوال اهو اٿاريو ويو ته ديني مدرسن جو تنظيمي ڍانچو ڪيئن ٿيندو آهي؟ هن چيو ته اهڙن سوالن تي ڳالهيون ٿيڻ کان پوءِ جڏهن حڪومت مطمئن ٿي وئي ته ان وقت هڪ قانونسازي ٿي ۽ ان ۾ چيو ويو ته ديني مدرسا احتياط ڪن انهن ۾ ڪنهن به فرقيواراڻي تعليم نه هجي، شدت تي آماده ڪندڙ ڪو مواد پيش نه ڪيو وڃي، جڏهن ته تقابل اديان بابت استاد کي علمي بحث جي ڇوٽ ڏني وئي. مدرسن جي رجسٽريشن ۾ حڪومت پاڻ سڀ کان وڏي رنڊڪ بڻيل آهي.