اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ملڪ جو نظام هلائڻ جي لاءِ آئين تي هلڻو پوندو، قانونسازي جو عمل صدر جي صحيح سان مڪمل ٿيندو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي، صدر جي رضا کان سواءِ قانون سازي نه ٿي سگهندي آهي. هن چيو ته مدرسن وارو بل ٻنهي ايوانن مان پاس ٿيو.