پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سول نافرماني جي سڏ تي ورهائجي وئي، علي امين گنڊاپور چيو ته سول نافرماني جي حوالي سان اڄ باني کي ٻڌائڻو هو پر صورتحال اڃا تائين واضح ناهي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته سول نافرماني جي تحريڪ پي ٽي آءِ باني ڏني، اهو ئي واپس وٺي سگهي ٿو، شير افضل مروت چيو ته في الحال باني پي ٽي آءِ، پارٽي جي تجويز تي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪري ڇڏي آهي، شوڪت يوسفزئي چيو ته ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام بعد سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪئي وئي آهي.