تازہ ترین

Dharti TV News

پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  قومي اسيمبلي مان منظور، صحافين جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  ايوان مان منظور ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جو اجلاس دوران صحافين پاران پيڪا ايڪٽ ترميم بلي جي ايوان ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، وفاقي وزير رانا تنوير پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025ع قومي اسيمبلي ۾ پيش […]

پاڪستان جو فلسطين مسئلي جو ٻه رياستي حل تي زور

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان جو فلسطين مسئلي جو ٻه رياستي حل تي زور، پرڏيهي ترجمان شفقت علي خان هفتيوار بريفنگ ۾ چيو آهي ته عالمي برادري فلسطين مسئلي جي پائيدار حل لاءِ ذميواريون پوري ڪري، عالمي برادري غزا جي نئين سر تعمير لاءِ منصوبو جوڙي، هو ٻيڙي حادثي جي متاثرن کي واپس آڻڻ لاءِ […]

صوبائي وزير عذرا پيچوهو جو ڪيٽي بندر ۽ گھوڙاٻاري جي مختلف صحت مرڪزن جو دورو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت کاتي جِي صوبائي وزير عذرا پيچوهو جو ڪيٽي بندر ۽ گھوڙاٻاري جي سامونڊي پٽيءَ جي مختلف صحت مرڪزن جو دورو، ٺٽي ضلعي ۾ تازو پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيڻ تي صحت کاتي جي انتظاميه کان پڇاڻو ڪيو، تعلقي اسپتال گهوڙاٻاري جي پي سي ون ۽ ايس اين اِي کي منظور ڪرائي […]

شھدادڪوٽ ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل

شھدادڪوٽ (ويب ڊيسڪ) شھدادڪوٽ ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، ڳوٺ تاج محمد جانوري ۾ جوابدار سلطان چانڊيو ڪارنھن الزام ھيٺ پنھنجي ڀاڄائي رخسانه ۽ نوجوان بخت علي جانوري کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس پهچي لاش کڻائي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪرائي ڇڏيا.

غوثپور ڀرسان قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، 3 گھرن کي باهه

غوثپور (ويب ڊيسڪ) غوثپور ڀرسان مهينو اڳ قتل ٿيل علي حيدر اوڳاھي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ تي چڙهائي، پوليس ٽن گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي، متاثر ڳوٺاڻن جو احتجاج ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسان علي حيدر اوڳاھي جي قتل ۾ ملوث ناهيون، مٿن ڪوڙو قتل ڪيس داخل ڪيو […]

وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جي وفد جي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت ۽ ميڊيا گڏيل اعتماد جو رسٽو آهي، حڪومت تي ميڊيا جي تعميري تنقيد گورننس جي بهتري لاءِ ضروري آهي، ميڊيا جي تعميري تنقيد جي حڪومت ڀرپور آجيان ڪري ٿي، […]

وڏي وزير سان چائنيز گورنمينٽ انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي وفد جي ملاقات

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سان چائنيز گورنمينٽ انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي وفد جي ملاقات، ملاقات ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، ورڪس اينڊ سروس  واري صوبائي وزير علي حسن زرداري  شرڪت ڪئي، چائنيز اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪارپوريشن لميٽيڊ جو نمائندو شريڪ ٿيو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو […]

آئيني بينچز جي اختيارن جو ڪيس مقرر نه ڪرڻ وارو معاملو، توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) آئيني بينچز جي اختيارن جو ڪيس مقرر نه ڪرڻ وارو معاملو، ايڊيشل رجسٽرار خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران عدالتي ٻانهن ٻيلي عدالت ۾ پيش ٿيو، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي، عدالتي معاون حامد خان، خواجا […]

توشا خانه ٽو ڪيس ۾ بريت جي درخواستن تي ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) توشا خانه ٽو ڪيس ۾ بريت جي درخواستن تي ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بريت جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ايف آءِ اي کان 28 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي وڪيل توشا خانه ٽو […]

چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس اڄ ٿيندو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 12 ايڊيشنل ججز لاءِ 46 نالن تي غور ٿيندو، جڊيشل ڪميشن کي اماڻيل نالن ۾ 6 ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز ۽ 40 وڪيلن جي نالا شامل آهن.

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.