آئيني بيئنچ پاران ٻيهر ٻڌڻي شروع ڪرڻ تي سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل حامد خان طرفان اعتراض
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سيٽن بابت نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي آئيني بيئنچ ٽٽي وئي.
آئيني بيئنچ پاران ٻيهر ٻڌڻي شروع ڪرڻ تي سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل حامد خان طرفان اعتراض ڪيو ويو، بيئنچ حامد خان جو اعتراض رد ڪري ڇڏيو. جسٽس جمال مندو خيل ۽ حامد خان ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ.
جسٽس جمال مندو خيل رمارڪس ڏيندي چيو ته ٻن ججز پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ فيصلو ڏنو، ان ڪري اهي بيئنچ جو حصو ناهن، آئيني بيئنچ جا ٽوٽل 15 ججز آهن.
وڪيل حامد خان چيو ته 12 رڪني بيئچ 13 رڪني بيئچ جي فيصلي تي نظرثاني نٿي ڪري سگهي.
جسٽس جمال مندو خيل وراڻيو ته اوهان کي سهڪار ڪرڻي آهي ته ڪيو، نه ته ويهي رهيو: رولز ۽ قانون موجب هلڻو آهي، هي سپريم ڪورٽ آهي، مذاق بڻائڻ جي اجازت نه ڏينداسين.